sirhaane jiyonlon ke aahista bolo
zameera unke rote rote so gaya hai
Zameer Jialon ka to hamesha zinda rehta hay , Zameer to establishment kay tatoon ,Beghairat Phatoon ka mara hota hay , jo beghairati ki zindgi guzar kar , bheek aur khairat ka mal kha kur khush hotay hain
By the way
Why you are forcing to use this language ?
Not forcing anyone. Wish you could have used this language against PPP’s leadership jis ne mufahimat ki naam pe munafiqat ka bazar saja rakha hai. Per jiyale bechare to ik Talism ka shikar hain… unhon ne apni mehboob leader ke khoon tak ko bikte dekha, aur uske qatilon ke baare main chup saadh li. awaam ke baare main kiya bolen ge. My mistake :sid:
ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي هڪ دوست کي ڪنهن مائٽ جي حادثي ۾ زخمي ٿيڻ سبب سنڌ جي هڪ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ڪجهه ڪلاڪ گذارڻ جو اتفاق ٿيو. پيپلز پارٽيءَ سان پراڻو لاڳاپو رکندڙ همراهه چيو ته: ”مون کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي اسپتال جي حالت ڏسي، سخت صدمو رسيو ته پيپلز پارٽي، جيڪا سنڌين جي پارٽي آهي، ان جي لڳاتار ڇهن سالن جي حڪومت کان پوءِ به سنڌ جي اهم اسپتالن جو اهو حال آهي.“سندس لفظن ۾ ته، ”جيڪڏهن پنجاب جي ڪنهن اسپتال جو اهڙو حال هجي ته شهباز شريف صحت کاتي جي عملدارن جي کَل لاهي ڇڏي ها.“ کيس ڪهڙي خبر ته سنڌ ۾ حڪمران پنهنجي دادلن آفيسرن جي سيوا ڪرڻ ۾ ايترا ته مخلص آهن، جو هنن سڄي صوبي جي عوام جي کَل لاهي ڇڏي آهي. تازو سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿر جي ڏُڪار ۽ ٿري عورتن جي حوالي سان ڪيل تقرير تي اسلام آباد جي امدادي ادارن جا عملدار اَچرج جو شڪار آهن ته حڪمران انساني اَلمين تي بيحسيءَ جي اِن انتها تي به پُهچي سگهن ٿا!! هڪ امدادي اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سينيئر دوست مون کان پڇيو ته:”ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اهڙي تقرير ڪو پنجاب جو سياستدان ٿري عورتن بابت ڪري ها ته اوهان سنڌي ملڪ کي اونڌو ڪري ڇڏيو ها، پر شابس آهي اوهان جي ايمان کي، جو پنهنجي اڳواڻن هٿان پنهنجي اهڙي تذليل تي ٻِڙڪ به نه ٿا ڪڍو.“